روٻڙو خان اُستاد

روٻڙو خان، اُستاد (ڪلاسيڪل طبلا نواز): طبلي نواز روٻڙو خان ولد هوٿي خان، 1947ع ڌاري جيسلمير، راجستان ۾ ڄائو. هن طبلي وڄائڻ جي فن جي شروعاتي سکيا 12 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد مراد بخش خان کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ باقاعده سکيا لاءِ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو. پهرين محفل بمبئيءَ ۾ ڪيائين، جنهن کانپوءِ حيدرآباد، ڪراچيءَ ۽ لاهور ۾ دنگل وڄايائين. انهيءَ زماني ۾ روٻڙو خان گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو مڃيل سازندو هو. گراموفون ڪمپنيءَ ۾ 40 سيڪڙو رڪارڊنگس استاد روٻڙي خان جون وڄايل آهن. استاد روٻڙي خان جي شاگردن ۾ استاد غلام عباس (گهلو)، استاد الهه بخش خان ڏگو ۽ استاد ٻڍو خان عرف عبدالعزيز شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو